احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي

احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي: هيءُ ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي جيڪو شاه لطيف جي سوانح ۽ حيات تي سنڌيءَ ۾ لکيل پهريون ڪتاب چيو وڃي ٿو. هن ڊيمي سائيز ڪتاب جو جلد پڪو آهي، جنهن ۾ 182 صفحا آهن ۽ قيمت 5 روپيا ڄاڻايل آهي. ڇاپو چوٿون، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ڇپايو ويو، جيڪو سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1972ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو به ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو